سالارو وڻ

سالارو وڻ: هي وڻ گل خيري جي وڻ جيڏو ٿيندو آهي، اڪثر پاڻيءَ وارن علائقن ۾ فصلن سان گڏ پيدا ٿيندو آهي. هن جو ٻج ڪاري رنگ تي چپترو ۽ چمڪدار ٿئي ٿو. حڪيمن موجب هن جا پن گھوٽي پيارڻ سان پراڻي تپ کي روڪن ٿا ۽ پيشاب جاري ڪن ٿا. هن جي پنن جي لپري سخت سوڄ کي نرم ڪري ڦاڙي ٿي. هن جو ٻج بواسير جي رت کي بند ڪري ٿو. بادفرنگ ۽ ٽڪيءَ جي مريضن لاءِ مفيد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو